خواجه محمد صالح کڙائي

خواجه محمد صالح کڙائي: نامور بزرگ خواجه محمد صالح 1727ع ڌاري دولتپور صفن کان ٻه ميل پري ڳوٺ کڙ ضلعي نواب شاهه (موجوده بينظيرآباد) ۾ جنم ورتو. ڳوٺ کڙ جي نسبت سان ’کڙائي‘ مشهور ٿيو. رياضتن جو صاحب هو. زندگي جو گهڻو حصو سير ۽ سياحت ۾ صرف ڪيائين. روم، عرب، تاجڪستان، ترڪستان ۽ هندستان ويو. آخر لنواري شريف ۾ اچي حضرت سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان جي صحبت اختيار ڪيائين، جتي کيس فيض مليو ۽ اڳتي هلي خواجه جو خاص خليفو ٿيو. علمي حوالي سان بلند درجو رکندو هو. مير غلام علي ٽالپر پنهنجي ڀاءُ مير فتح علي خان ٽالپر جي وفات کانپوءِ گاديءَ تي ويٺو. کيس مرشد جو ايڏو ادب هوندو هو، جو ڪڏهن به لنواري شريف ڏانهن پير ڪري نه ستو. خواجه صاحب جي وفات 28 جنوري 1786ع تي ٿي. هر سال 27 ربيع الاول تي سندس عرس ملهايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1786.01.28  عيسوي

خواجه محمد صالح جي وفات 28 جنوري 1786ع تي ٿي. هر سال 27 ربيع الاول تي سندس عرس ملهايو ويندو آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جي جي مور
پرسو ڀڳت
جين فرانڪوئس جيرج
سنڌو راج
استاد ببر علي
رشيد صابر
جالوت
جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر
عطاء الله خان مينگل
ابن سعد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون